سنڌي ادب جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو

سنڌي ادب جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو (ڪتاب): سنڌي ادب جي تاريخ کان ويندي دور جديد تائين تحقيقي انداز ۾ لکيل هيءُ ڪتاب طارق عزيز شيخ جو آهي. چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾ سنڌيءَ جو مضمون کڻندڙ شاگرن لاءِ هن ڪتاب ۾ خاص طور تي لاڀائتو مواد شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي، ادب، نثر، شاعري، لوڪ ادب، لوڪ شاعري، نثر نگاري ۽ صحافت جي تاريخ ڏنل آهي، جڏهن ته ڪتاب جي آخر ۾ سنڌي ادب جي تاريخ جا نوٽس ڏنل آهن.
394 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار ڪراچيءَ پاران ڇپرايو ويو، جنهن جو پهريون ڇاپو 2001ع ۾، جڏهن ته ٻيو ڇاپو 2011ع ۾ شايع ٿيو، هن ڪتاب جو ملهه 200 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو